اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پرامن حل چاهي ٿو جنهن ۾ مظلوم ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي ضمانت ڏني وئي آ??ي، وا??ار??ل ڪشمير ڪ??هن به ڀارت جو حصو ناهي رهيو ۽ غيرقانوني طور تي وا??ار??ل علائقي کي پنهنجو حصو قرار ڏيڻ جي ڀارتي آئين کي به تسليم نه ڪيو. هو ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ پرڏيهي آ??يس کان ڊي چوڪ تائين ريلي جي قيادت ڪرڻ کانپوءِ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، ڪشمير پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار خان آفريدي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري سميت وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، حريت اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ ميڊيا سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پلي ڪارڊ ۽ بينرز کڻي رکيا هئا جن ۾ وا??ار??ل ڪشمير جي عوام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو عزم ڪيو ويو هو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندي چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي ج??هن ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير جي مظلوم عوام ڀارتي قبضي کان آزادي حاصل ڪندي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها وا??ار??ل ڄمون ۽ ڪ??مير جي ماڻهن کي انهن جي خواهش موجب خودمختياري جي حق جي حوالي سان ڪيل واعدن کي مڪمل ڪري. هن چيو ته آزادي جي صدائن کي دٻائڻ لاءِ ڀارتي قابض فوج وا??ار??ل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ۽ ميڊيا جو بليڪ آئوٽ ڪري رکيو آهي ته جيئن ڪشميرين جي آزاد ۽ مسلسل ڀارتي ظلم کي بي نقاب ڪندڙ سمورن آوازن کي خاموش ڪرائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪ??ميري عوام جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي. ج??هن وا??ار??ل ڪشمير ۾ رتوڇاڻ ٿئي ٿو ته پاڪستان جي ماڻهن کي ڏک ٿئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان دنيا کي ڪشميري عوام سان ڪيل پنهنجي واعدن جي احترام جي ياد ڏياري ٿو. ڪشميرين جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته قائداعظم ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو ۽ ڪ??ميري عوام پنهنجو رت وهائي ان جو ثبوت ڏئي رهي آ??ي.
پاڪستان ڪشمير تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پرامن حل چاهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria