اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر قا??م خان سوري اڳوڻي وفاقي ڪابينا پاران قومي اسيمبلي ڏانهن مو??لي?? سفارتي خط سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلندي چيو آهي ته سفارتي خط پاڪستان جي خلاف ٻاهرين سازش آهي، گذريل ڏينهن پنهنجي رولنگ ۾ مون جيڪو ??جهه چيو پنهنجي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چيو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر قا??م خان سوري جي صدارت ۾ ٿيو، آغاز ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جي خلاف ووٽنگ ٿي چڪي آهي، منهنجي رولنگ تي ڪافي بحث ٿي چڪو آهي، مون جيڪو ??جهه ڪيو اهو هڪ محب وطن پاڪستان جي حيثيت ۽ قومي اسيمبلي جي محافظ طور ڪيو، قومي سلامتي ڪميٽي ۽ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خط کي بحث هيٺ آندو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته هي خط پاڪستان جي خلاف سازش آهي، هن چيو ته اهو خط اڳوڻي اسپيڪر اسد ق??صر کي ڏنو ويو هو هاڻي اهو خط منهنجي هٿ ۾ آهي، ان ۾ صاف لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ته پاڪستان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جيڪڏهن ڪامياب ٿي وئي ته پاڪستان کي معاف ڪيو ويندو، هن چيو ته موُن قائداعظم ۽ علامه اقبال جي خواب موجب خودمختيار پاڪستان جي ڳالهه ڪري ڏوهه ناهي ڪيو، مون جيڪو ??جهه چيو پنهنجي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چيو آهي، هن اڳوڻي ڪابينا پاران اڳوڻي سفير کي مو??لي?? خط سيل بند لفافي ۾ سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو.
سفارتي خط پاڪستان جي خلاف ٻاهرين سازش آهي: قاسم خان سوري
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania