اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظ?? شهباز شريف جي ٻن هفتن جي ڪارڪردگي جو جائزو پيش ڪري ڇڏيو، اٽو، کنڊ ۽ گيهه جي ستايل عوام کي سستي شين جي فراهم?? شروع ٿي چڪي آهي، وزيراعظ?? شهباز شريف کنڊ جي قيمت 85 روپيا ??ان گهٽ ڪري 70 روپيا، 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهي جي قيمت 550 روپين ??ان گهٽ ڪري 400 روپيا ڪري ڇڏي هئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته چئن سالن ۾ مهانگائي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچائي وئي هئي جنهن ۾ آهستي آهستي لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته وزيراعظ?? شهباز شريف ٻن هفتن ۾ اهي ڪم ڪيا جيڪي عمران خان چ??ن سالن ۾ سوچي به نه سگهيو. هن چيو ته وزيراعظم ٻن هفتن ۾ بجلي جا بند پيل 27 مان 20 پيداواري يونٽس کي فعال ڪيو، بجلي جا ڪارخانه هلائڻ لاءِ تيل ۽ گئس جي فراهمي لاءِ رڪارڊ قدم کنيا ويا. هڪ سال جي فني خرابين جي ڪري بند پيل ڪارخانا وري بحال ٿيڻ لڳا آهن، هن چيو ته چئن سالن ??ان بند اسلام آباد ميٽرو جو منصوبو چئن ڏينهن ۾ شروع ڪيو. هن چيو ته نيو اسلام آباد هوائي اڏي ??ان ميٽرو کي موٽروي ۽ فيض آباد سان جوڙڻ، بهاره ڪهو ۽ روات تائين توسيع ڏيڻ جي فزيبلٽي جي تيار?? شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته موٽر وي تي ميٽرو جو اسٽيشن بڻائڻ جو قدم کنيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ديامرڀاشا ڊيم تي ڪم جي ر??تا?? وڌائي، ڊيم کي 2029ع بدران 2026ع ۾ مڪمل ڪرڻ جي نئين ڊيڊ لائين رکي، مقامي آبادي جي لاءِ بهترين ۽ جديد علاج لاءِ اسپتال جي فزيبلٽي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هن چيو ته وزيراعظ?? شهباز شريف خضدار ڪچلاڪ شاهراهه کي ٻن کان چ??ئن ڦاڪن ۽ وري ايندڙ مرحلي ۾ ڇهه ڦاڪن واري ڪرڻ لاءِ سيڪشن هڪ ۽ 2 جو پيڙهه جو پٿر رکيو. ان کانسواءِ وزيراعظم بلوچستان جي نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي سڀ ??ان جديد ترين ٽيڪينڪل يونيورسٽي جي منصوبي جو اعلان ڪيو، وزيراعظ?? شهباز شريف راولپنڊي، اسلام آباد، لاهور، ملتان، ڪراچي وانگر ڪوئيٽا ۾ به ميٽرو سروس جي فزيبلٽي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، وزيراعظ?? شهباز شريف بلوچستان جي غريب ترين پنج لک ماڻهن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
مريم اورنگزيب پاران وزيراعظم جي ٻن هفتن جي ڪارڪردگي جو جائزو پيش
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais