اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غريب ماڻهن کي صحت جي معياري سهولتن ج?? مفت فراهمي حڪومت جي ا??لين ترجيحن ۾ شامل آهي، لاچار ۽ مفلس طبقي تي ڌيان نه ڏيڻ جي سوچ بدلائڻ ۽ انهن ج?? خدمت کي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ڪڊني ا??نڊ ليور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ا??ل آئي) کي ٽرسٽ بڻايو وڃي ۽ نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن ج?? اظهار پاڪستان ڪڊني ا??نڊ ليور انسٽيٽيوٽ تي لاهور ۾ جائزه اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پي ڪي ا??ل آئي جي ا??تظامي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال 290 ڪڊني ٽرانسپلانٽ ۽ 190 ليور ٽرانسپلانٽ ڪيا ويا، مريضن مان رڳو 17 سيڪڙو کي ئي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي. وزيراعظم کي اسپتال سان گڏ نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم پي ڪي ا??ل آئي جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪندڙ تي ا??سوس جو اظهار ڪ??دي پي ڪي ا??ل آئي ۾ مريضن کي ڏني ويندڙ موجوده سهولتن کي غيرتسلي بخش قرار ڏنو. وزيراعظم اسپتال ۾ سهولتن کي عالمي معيار موجب بڻائڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو غريب مريضن کي مفت علاج فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پي ڪي ا??ل آئي جو مقصد ئي پوري ملڪ جي غريب ۽ لاچار ماڻهن کي مفت ٽرانسپلانٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ هو ته جيئن انهن کي وڏي رقم خرچ ڪري علاج جي لاءِ ٻين ملڪن نه وڃڻو پوي. وزيراعظم پي ڪي ا??ل آئي کي مالي طور خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ چيف سيڪريٽري پنجاب کي هدايت ڪئي ته هو مڪمل حڪمت عملي جوڙي ٽن ڏينهن ۾ پيش ڪري. وزيراعظم هدايت ڪئي ته مالي سببن ج?? ڪري پڻ مريضن کي علاج کان محروم نه رکيو وڃي، صحت جون معياري سهولتون حاصل ڪرڻ ۾ ملڪ جي غريب ماڻهن کي مسئلا آهن، انهن کي عالمي معيار جي سهولتن ج?? مفت فراهمي حڪومت جي ا??لين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم لاچار ۽ مفلس طبقي تي ڌيان نه ڏيڻ جي سوچ کي بدلائڻ ۽ انهن ج?? خدمت کي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم پي ڪي ا??ل آئي کي ٽرسٽ بڻائڻ جي هدايت ڪ??دي چيو ته نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ پي ڪي ا??ل آئي جي صفائي کي عالمي معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ جيڪڏهن ضرورت پوي ته صفائي جي نظام کي آئوٽ سورس ڪيو وڃي. اجلاس ۾ خواجه سلمان رفيق، خواجه عمران نذير، پنجاب جي چيف سيڪريٽري، پنجاب جي هيلٿ سيڪريٽري، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ پي ڪي ا??ل آئي جي عهديدارن شرڪت ڪئي.
غريب ماڻهن کي صحت جي معياري سهولتن جي مفت فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا