اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف مشهور حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي دهشتگردي جي جعلي ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ جي قدمن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن ۽ انساني حقن واري ڪائونسل ??ان??ن ۽ انصاف کان مٿانهين ۽ انتقام تي ٻڌل ڀارتي قدمن جو نوٽيس وٺي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حمايت جاري رکندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته بي مثال بهادري ۽ حريت جي علامت ۽ ضمير جي قيدي ياسين ملڪ جي خلاف ڀارتي هٿڪنڊا رد ڪريون ٿا، اها ڪشميرين کي جهڪائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن ۽ انساني حقن واري ڪائونسل ??ان??ن ۽ انصاف کان مٿانهين ۽ انتقام تي ٻڌل ڀارتي قدم جو نوٽيس وٺي، حڪومت پاڪستان عالمي ۽ انساني حقن جي سمورن ادارن ۽ او آءِ سي جي فورم تي ياسين ملڪ ۽ ڪشميري قيادت جي خلاف انتقامي ڪاررواين کي پوري قوت سان اٿاريندي، هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ناجائز ۽ غير ??ان??ني قدمن وانگر ياسين ملڪ جي خلاف ڪيس به غير ??ان??ني ۽ ناجائز آهي، ڄمون ۽ ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪندڙ ڀارت ڪشميرين جي نمائنده حقيقي قيادت ختم ڪرڻ جي سوچيل سمجهيل منصوبابندي تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته آزادي ڪشمير جي نشاني سيد علي گيلاني شهيد جي مڙهه کان ڊڄندڙ ڀارت ياسين ملڪ جي حق واري ڳالهه کان ڊنل آهي. اشرف صحرائي شهيد، سندس شهيد صاحبزادي سميت هزارين شهداءِ ڪشمير راءِ شماري واري ت??ري?? کي حاصل ڪرڻ جي منزل جا سنگ هاءِ ميل آهن. اهي سڀ شهداءِ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غير ??ان??ني طور تي قابض ڀارت جي ظلم ۽ بربريت ۽ رياستي دهشتگردي جو ثبوت آهن، پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته ڀارت جي ڪاري ??ان??ن ۽ عدالتي نظام عدل جي عالمي ۽ فطري گهرجن جي ابتڙ آهن، مڃيل تاريخي حقيقت آهي ته ڪنهن قوم کي ڏاڍ ۽ رياستي دهشتگردي، ڪارن ??ان??نن ۽ سزائن سان غلام نٿو بڻائي سگهجي، ناجائز حڪومت جي ڪارن ??ان??نن سان ڀارت جي غير ??ان??ني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي غلام نٿو بڻائي سگهجي، وزيراعظم چيو ته بهادر ڪشميرين کي انهن جي بي مثال جدوجهد تي سلام پيش ڪريون ٿا جنهن ان مقصد لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، عالمي برادري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار حل ڪرائي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حمايت جاري رکندي.
وزيراعظم پاران ياسين ملڪ کي دهشتگردي جي جعلي ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ جي قدمن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی