اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي عوام کي کاڄرو تيل جي فراهمي لاءِ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، انڊونيشيا پاڪستان کي پام آئل فوري فراهم ڪندو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل س??ن ڀريل ??هريون بحري جهاز اڄ اڱاري ڏينهن پاڪستان روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي 10 جون تي انڊونيشيا جي صدر جو ڪو ويد ودو سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستاني وفد انڊونيشيا جو دورو ڪيو ۽ انڊونيشيا جي واپار واري وزارت سان ??ال??يون ڪامياب ٿيون، کاڄرو تيل س??ن ڀريل 10 بحري جهاز ايندڙ ٻن هفتن ۾ انڊنيشيا ۽ ملائيشيا کان پاڪستان پهچندا، انڊونيشيا کان ڪل اڍائي لک ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل ??اڪستان کي فراهم ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وزير سيد مرتضيٰ محمود انڊنيشيا جي هم منصب سان معاملا طئي ڪيا، پاڪستاني وفد جي درخواست تي انڊونيشيا جي واپار واري وزارت سڀني لاڳاپيل ??عاملن کي تيزي سان اڪلايو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل س??ن ڀريل ??هريون بحري جهاز اڄ اڱاري تي پاڪستان روانو ٿيندو. انڊونيشيا جو دورو ڪندڙ وفد ۾ پاڪستان بناسپتي مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن جو چيئرمين طارق الله صوفي ۽ تنظيم جو ميمبر رشيد جان محمد به شامل هئا.
وزيراعظم جي هدايت تي عوام کي کاڄرو تيل جي فراهمي لاءِ وڏي اڳڀرائي، انڊونيشيا پاڪستان کي پام آئل فوري فراهم ڪندو
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ