اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پا??ست??ن پيپ??زپ??رٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته پيپ??زپ??رٽي غريبن جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عملي جدوجهد تي يقين رکي ٿي، بي آءِ ايس پي تحت ماڻهن کي انهن جي گهرن تي امدادي رقم جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهيون. هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ کي معاشي ۽ اقتصادي طور تي عمران خان جيترو نقصان پهچايو ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، پاڻ کي ايماندار چوندڙ عمران خان غير ملڪي فنڊنگ جو حساب ڏيڻ کان راهه فرار اختيار ڪري ر??يو آهي، هن چيو ته عمران خان ٻاهرين محاذ تي ملڪ کي اڪيلو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو هن ??قت دنيا ۾ پا??ست??ن جي تشخص کي بهتر بڻائڻ جي جنگ وڙهي ر??يو آهي. هن چيو ته عمران امپائر کانسواءِ اليڪشن وڙهي کيس خبر پئجي ويندي ته عوام گڏ آهي يا نه، هونئن به عوام سندس ڌرڻي جي سڏ کي رد ڪري پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته هن ??قت پا??ست??ن کي مشڪل حالتن مان ڪڍڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پيپلزپارٽي غريبن جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عملي جدوجهد تي يقين رکي ٿي: شازيه مري
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس