پشاور – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خيبرپختونخوا جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ۽ بحالي جي ڪمن جي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته مصروف شيڊيول جي باوجود وزيراعظم ٻوڏ سبب متاثر ضلعي ڊي آءِ خان جو ٻيو دورو ڪيو آهي ۽ رليف ۽ ريسڪيو آپريشنز جي نگراني ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي ڊي آءِ خان جي دوري جي موقعي تي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪارروائي جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مولانا فضل الرحمان حڪومتي کاتن ۽ سياسي پارٽين جي امدادي تنظيمن جي و??کاڻ ڪندي چيو ته ٻوڏ سٽيلن کي کاڌي پيتي جي شين سان گڏوگڏ روڪ امداد به فراهم ڪئي و??ي ۽ سگو پل لڙهي وڃڻ کانپوءِ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو، هن انهن سمورن ٻوڏ متاثرن کي خيمن جي فراهمي س??يت ضروري شيون فراهم ڪرڻ تي زور ڀريو، ڊي آءِ خان ۾ ٻوڏ تي ضابط?? آڻڻ لاءِ ننڍن ڊيمن جي تعمير اڻٽر آهي، هن چيو ته ٽانڪ زم ۽ نواب حيدر ۽ ٻين ڊيمن جي تعمير سان ڪوهه سليمان ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوڏ تي ضابط?? آڻڻ ۾ مدد ملندي ۽ ڊي آءِ خان کي ٻوڌ کان بچائي سگهبو. هن چيو ته ڊي آءِ خان ۾ نقصانن جو جائزو وٺڻ جو سروي ۽ ان جي رپورٽ جلد حڪومت کي پيش ڪئي ويندي. هن ڪوهستان، سوات، دير، ڊي آءِ خان ۽ ٽانڪ جي ضلعن ۾ رستن جي رابطن جي منصوبن تي نئين سر تعمير جي ڪمن ۾ تيزي آڻڻ جو به مطالبو ڪيو، تقريب ۾ مواصلات وارو وفاقي و??ير مولانا اسعد محمود ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار انجنيئر امير مقام به موجود هئا، جي يو آءِ (ف) جي سربراهه وزيراعظم کي ڊي آءِ خان ۾ ٻوڏ جي ??با??ڪارين ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاهه ڪيو.
ڊي آءِ خان ۾ ٻوڏ سبب نقصانن جي رپورٽ جلد حڪومت کي پيش ڪئي ويندي: مولانا فضل الرحمان
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais