اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات دوران يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر سمانٿا پاور چيو آهي ته سندس اداري پاڪستان ??ي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد ۾ وڌيڪ 20 ملين ڊالر جو اضافو ڪيو آهي ۽ هاڻي اها امداد وڌي 51 ملين ڊالر تي پهچي وئي آ??ي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب آمريڪا جي عالمي ترقي واري اداري (ي ايس ايڊ) جي ايڊمنسٽريٽر سمانٿا پاور جيڪا ٻوڏ بابت تباهي جي پئماني ??و جائزو وٺڻ لاءِ 8 کان 9 سيپٽمبر تائين پاڪستان ??و دورو ڪري رهي آ??ي، اڄ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ جي ڏس ۾ آمريڪا پاران ??نساني ??نيادن تي امداد فراهم ڪرڻ تي سمانٿا پاور جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته سندس دورو ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان ??پر فلڊ سان ٿيندڙ وڏي تباهي کي منهن ڏئي رهيو آهي، هي دورو آمريڪي حڪومت جو پاڪستاني ??وام سان يڪجهتي جو اظهار آهي. وزيراعظم سمانٿا پاور کي پاڪستان ۾ بوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي پئماني کان ??گھاهه ڪندي ٻڌايو ته هن وقت تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان فوتگين جو انگ 1300 کان وڌيڪ، 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر، 40 لک ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه، 800000 چوپايو مال مري چڪو آهي جڏهن ??ه پوري جا پورا ڳوٺ ۽ ماڻهن جا روزگار جا ذريعا لڙهي ويا آهن ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو آهي. پاڪستان ??ڪومت ريسڪيو ۽ فوري امدادي ڪاررواين جي لاءِ دستياب سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آ??ي جڏهن ته خوراڪ جو متوقع عدم تحفظ ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ان کانپوءِ ايندڙ وڏا چ??لي??جز هوندا. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ان ??حران ??ي شدت جي ڪري پاڪستان پنهنجي طور تي انهن گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي وارن چ??لي??جز جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿو رکي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ??ه پاڪستان کي مسلسل عالمي تعاون، يڪجهتي ۽ مدد جي ضرورت هوندي ۽ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ آمريڪي مدد ۽ حمايت گهربل هوندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ??ه پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي نظر ۾ رکندي نئين سر تعمير جي منصوبابندي ۽ ان کي لاڳو ڪندو. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان کي ان ??والي سان ??المي مهارت، فني مدد، فنڊنگ ۽ اڳڪٿي جي لاءِ موسمياتي فنانسنگ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي دنيا ۾ رهندڙ انسانن جي لاءِ گڏيل چ??لي??ج آهي، ان ??لسلي ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. يو ايس ايڊ جي ايدمنسٽريٽر سمانٿا پاور ٻوڏ ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙن جي لاءِ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته يو ايس ايڊ مالي امداد ۾ وڌيڪ 20 ملين ڊالر جو اضافو ڪيو آهي، اهڙي طرح اهو 51 ملين ڊالر تائين پهچي ويو آهي. سمانٿا پاور ان ??زم جو اظهار ڪيو ته آمريڪي انتظاميا ان مشڪل حالتن ۾ پاڪستان ??ان ??عاون جاري رکندي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فنڊز ۾ اضافي تي آ??ريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته ريسڪيو ۽ ريليف جو مرحلو ختم ٿيڻ کانپوءِ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير هڪ مشڪل چ??لي??ج آهي، جنهن جي لاءِ پاڪستان ??المي امداد جو منتظر آهي.
يو ايس ايڊ پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد ۾ وڌيڪ 20 ملين ڊالر جو اضافو ڪيو آهي ۽ هاڻي اها امداد وڌي 51 ملين ڊالر تي پهچي وئي آهي: سمانٿا پاور
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina