اسلام آباد– 14 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نام نهاد ”حقيقي آزادي“ جو چهرو بي نقاب ٿي ويو آهي، ??مر??ن خا?? پنهنجي سياسي مفادن جي لاءِ سنگين راند کيڏي، قومي سلامتي کي خطري ۾ وڌو، پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي چوي ٿو ته آمريڪي سازش واري ڳالهه ختم، ”اڄ امپورٽيڊ“ ۽ ”رجيم چينج“ جي ڪوڙن بيانن تان دستبردار ٿي ويو، ??مر??ن خا?? ائين نه هلندو، توهان کي جواب ڏيڻو پوندو. اڳوڻي وزيراعظم ??مر??ن خا?? جي فنانشل ٽائيمز کي انٽرويو تي پنهنجي ردعمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??مر??ن خا?? کي مخاطب ڪندي چيو ته ??مر??ن خا??! آمريڪي سازش جو بيانيو پٺتي وجهڻ سان ڳالهه ختم نه ٿيندي، توهان کي جواب ڏيڻو پوندو، جنهن بيانني تي توهان پوري ملڪ ۾ انتشار ۽ ڪوڙ پکيڙيو، جواب ڏيڻ کانسواءِ رڳو دستبرداري ڪافي نه آهي. هن چيو ته اڄ رڳو ??مر??ن کان سوال نه پر ??مر??ن جي ڳالهه تي يقين ڪندڙن ۽ ڪوڙي، ملڪي مفاد سان راند کيڏيندڙ فارن فنڊيڊ فتني جي ڳالهه ٻڌندڙن جي لاءِ به سواليه نشان آهي. هن چيو ته پارليامينٽ، پاڪ فوج، ادارن کي غدار قرار ڏئي رڳو اهو چئي ڇڏڻ سان ڳالهه ختم نه ٿي ٿئي ته “it’s behind me and its over” ، ائين نه ??مر??ن خا??! ائين نه آهي. هن چيو ته ??مر??ن خا?? پنهنجي ڪوڙ جي لاءِ آئيني عهدن تان آئين شڪني ڪرائي، ??مر??ن خا?? ملڪ کي ستياناس ڪري اڄ آمريڪي سازش جي بيانيي تان دستبردار ٿي ويو آهي، ڇا هن پنهنجي حامين کي پاگل ۽ رڍون ٻڪريون سمجهي رکيو آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??مر??ن خا?? آمريڪي سازش، امپورٽيڊ حڪومت ۽ رجيم چ??نج جو بيانيو پٺتي ان لاءِ وڌو ڇو ته اهو ڪڏهن موجود ئي نه هو. ??مر??ن خا?? اڄ امپورٽيڊ حڪومت ۽ رجيم چ??نج جي ڪوڙي بيايي تان دستبردار ٿي ويو آهي. اڄ نام نهاد ”حقيقي آزادي“ جو اصل چهرو مڪمل طور تي بي نقاب ٿي ويو آهي. هن چيو ته ??مر??ن خا?? اقتدار جي لاءِ پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي سنگين خطرن ۾ وڌو. ??مر??ن خا?? اقتدار جي هوس ۾ ملڪي مفادن سان سنگين راند کيڏي، چالون هليون. اقتدار جي هوس ۾ ملڪ ۽ قوم کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو. قوم کي ڪوڙ سيکاري هاڻي چوي ٿو ته آمريڪي سازش واري ڳالهه ختم؟ سپريم ڪورٽ کي اپيلون ڪندو رهيو ۽ هاڻي آمريڪي سازش واري ڳالهه خت??؟ عمران خا?? پنهنجي ڪوڙ سان نه رڳو قومي سلامتي کي خطري ۾ وڌو پر پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي پڻ تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي. ??مر??ن خا?? پنهنجي سياسي مفادن جي لاءِ ملڪي مفادن سان سنگين راند کيڏي.
نام نهاد ”حقيقي آزادي“ جو چهرو بي نقاب ٿي ويو آهي: وفاقي وزير مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : بونانزا