اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد ۽ شرپسند عنصر ڪنهن به قيمت تي پاڪستاني عوام جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، هم ملڪ جي ??فاظت جي لاءِ ڪنهن قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، تازي دهشتگردي جي لهر جي ??دارڪ جي لاءِ سمورا وفاقي ۽ صوبائي ادارا پنهنجي وچ ۾ تعاون وڌائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي ??ورتحال تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي ??لاحڪار احد چيما، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ??ربراهن ۽ سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير ۽ گهرو سيڪريٽري ملڪ جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني، چئني صوبن جي ??ءِ جيز ۽ چيف سيڪريرين وزيراعظم کي تازي دهشتگردي جي واقعن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ امن امان جي لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير ۽ آءِ جي ??سلام آباد وزيراعظم کي اسلام آباد پوليس جي پگهارن ۾ اضافي ۽ ايف سي جي ??اشن الائونس کي وڌائي باقي سمورين فورسز جي ??رابر ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان سان اسلام آباد پوليس جو مورال بلند ٿيو آهي. وزيراعظم نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيڪٽا کي هدايت ڪئي ته دهشتگردي جي مڪمل روڪٿام لاءِ صوبائي سي ٽي ڊيز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطن کي وڌيڪ فعال بڻائي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گهرو وز??ر، گهرو سيڪريٽري ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيڪٽا صوبن ۾ وڃي ان حوالي سان تفصيلي مشاورت ڪن ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪن. وزيراعظم چيو ته صوبائي ايپڪس ڪميٽيون پنهنجا اجلاس باقاعدگي سان منعقد ڪن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاون سان دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلائين.
دهشتگرد ۽ شرپسند عنصر ڪنهن به قيمت تي پاڪستاني عوام جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا