اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف س??ڌ ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته عوامي ڀلائي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهبا?? شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ??ئي جنهن ۾ سنڌ سان لاڳاپيل مع??ملن تي ڳالهه ٻولهه ??ئي وئي. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اقتصادي مع??ملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. وزيراعظم چيو ته عوامي ڀلائي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. سنڌ صوبي ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ٿر ڪول جي منصوبي سان نه رڳو ملڪ ۾ توانائي جي ضرورت پوري ٿيندي پر علائقي ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون.
وزيراعظم پاران سنڌ ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي خاطري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت