اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي جنهن ۾ ??ڪر??رن جي حل جو طريقيڪار به شامل آهي. هيگ ۾ قائم عالمي ثالثي عدالت پارا?? پاڪ ڀارت پاڻي ??ڪر??رن جي ٻڌڻي جي اهليت جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي ترجمان چيو ته پاڪستان حڪومت عالمي ثالثي عدالت جي فيصلي کان آگاهه آهي، جنهن ۾ ان جي اهليت ۽ ڪشن گنگا ۽ راتلي هائيڊرو اليڪٽرڪ پرجيڪٽس بابت پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ??ڪر??رن تي اڳتي وڌڻ جو طريقيڪار، سنڌ طاس معاهدي جي تشريح ۽ لاڳو ڪرڻ جا وسيع تر سوال شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ??ه عدالت اهليت کي برقرار رکيو آهي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته هاڻي اها ??ڪر??ر جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وڌندي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جو بنيادي معاهدو آهي. پاڪستان ??ڪر??رن جي حل جي طريقيڪار سميت ان معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي. اسان اميد ڪريون ٿا ته ڀارت به نيڪ نيتي سان ان معاهدي تي عملدرآمد ڪندو.
پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن