اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي وچ ۾ ملڪي ميڊيا هائوسز ??ان واڳيل صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز ۽ فلم انڊسٽري ??ان واڳيل فنڪارن ۽ فني ڪارڪنن جي لاءِ صحت انشورنس ڪارڊ جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان منصوبي تحت سمورن ميمبرن کي صحت بابت هنگامي خرچن جي لاءِ ساليانو 15 لک رپين جي صحت انشورنس مهيا ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪندو ۽ پيڙهه جو پٿ?? رکندو. انهن منصوبن ۾ بهاره ڪهو باءِ پاس جو افتتاح ۽ سرينا چوڪ انڊر پاس جي تعمير جي پ??ڙهه جو پٿ?? شامل آهي. انهن موقعن تي وزيراعظم تقريبن کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ ڊيجيٽل يوٿ هب جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم جي پ??ڪستان جي باصلاحيت نوجوانن جي ترقي جي ويزن تحت نوجوانن کي هڪ ئي ڊيجيٽل پليٽ فارم تان تعليم جي عالمي معيار جي سهولتن، روزگار، ٻين تعميراتي سرگرمين ۽ ماحوليات جي حوالي ??ان آ??ان پهچ فراهم ڪندو. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.
وزيراعظم جي فنڪارن لاءِ صحت انشورنس ڪارڊ جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان