اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پ?? پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وز??ر مد?? علي سنڌ?? سان پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر ملاقات ڪئي. مد?? علي سنڌي پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جا ماڻهو هڪٻئ?? سان محبت ڪن ٿا. هن ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوال?? سان مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. مد?? علي سنڌي شاگردن جي مٽاسٽا جي آجيان ڪندي چيو ته خاص طور تي هنرمند پيشيوراڻي تربيت لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن. وفاقي وز??ر چيو ته هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙيو ويندو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمت نامي تي صحيح جي راهه هموار ڪندو. پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر چيو ته ايٿوپيا جي عوام جي پاڪستان سان گهري وابستگي آهي، هن چيو ته يونيورسٽ?? سان يونيورسٽي تعون ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ٽو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن تعاون اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ايٿوپيا جا ڊاڪٽر رضاڪاراڻي طور تي 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان کي مفت خدمتون فراهم ڪيون، ايٿوپيا جي سفير وفاقي وز??ر کي ايٿوپيا جو دورو ڪرڻ ۽ اتي طئي ٿيل ايم او يو تي صحيح ڪرڻ جي دعوت ڏني، مد?? علي سنڌي چيو ته هي ماڻهن کي نوڪريون ڳولڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو، وفاقي وز??ر سفر جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار ۽ دوستاڻي لاڳاپن تي روشني وڌي، وز??ر چيو ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل تاريخ آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ گهرجي.
تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa