اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 8 کان 9 نومبر تي منعقد ٿيندڙ 16 هين اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ??ي لاءِ تاشقند ازب??ست??ن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿيندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ اي سي او ويزن 2025ع، واپار، ٽرانسپورٽ، ڪنيڪٽيويٽي، توانائي، سياحت ۽ اقتصادي ترقي ۽ پيداواري شعبن ۾ علائقائي تعاون جي فروغ لاءِ پا??ست??ن جي عزم جو ورجاءُ ڪندا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تنظيم جي مستقبل جي ڪم ۽ علائقائي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ لاءِ پا??ست??ن جو ويزن پيش ڪندو، هو ازب??ست??ن جي قيادت ۽ ٻين شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ۾ پڻ شامل ٿيندو. بيان موجب اي سي او جي باني ميمبر طور پا??ست??ن اي سي او خطي جي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي هدفن ??ي لاءِ پرعزم آهي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 8 کان 9 نومبر تي منعقد ٿيندڙ 16 هين اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ تاشقند روانو ٿيندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات