ڊيره اسماعيل خان – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال جو دورو ڪيو ۽ گذريل ڏينهن جي بم ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زخمي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ پاڪ فوج جي جوانن جي جذبي کي سارا??ين??ي نگران وزيراعظم چيو ته اهڙي قوم ??ي فتح يقيني آهي جنهن جا اهڙا بهادر آفيسر ۽ فوجي جوان هجن جيڪي پنهنجي ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائين. هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم ??هشتگردي جي لعنت جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي ۽ الله رب العزت جي مدد ۽ عوام جي طاقت سان دهشتگردي کي هر شڪل ۽ روپ ۾ شڪست ڏيندي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستاني هڪ بهادر ۽ مضبوط قوم ??هي ۽ اسان جي فوج دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي. نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي، خيبرپختو??خو??هه جو گورنر حاجي غلام علي ۽ خيبرپختو??خو??هه جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هئا.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال جو دورو، بم ڌماڪي جي زخمين جي عيادت
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais