لاهور – 22 – فيبروري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ ت??ڙا فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي، سست فيصلاسازي قومي ترقي جي عمل ۾ رڪاوٽ آهي، محتسبين سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف متاثر شڪايت ڪندڙن کي فوري ۽ معياري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. هو گورنر هائوس لاهور ۾ وفاقي انشورنس محتسب جي اهتمام هيٺ انشورنس محتسب جي آفيسرن، ڪمپنين جي سي اي اوز ۽ ايم ڊيز جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ ترقي جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي، صحيح رخ جي لاءِ ايمانداري ۽ فوري فيصلن جي ضرورت آهي. صد?? انشورنس محتسب پاران متاثر پاليسي هولڊرز کي 5 ارب رپين کان وڌيڪ جو مالي ريليف فراهم ڪرڻ جي ڪارڪردگي تي مبارڪباد پڻ ڏني. هن چيو ته ميرٽ تي پختو يقين آهي ۽ بطور صد?? پنهنجي دور ۾ ڪڏهن به ڪنهن جي سفارش نه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جو رخ بدلجندو، الله ان کي بي پناهه صلاحيتن ۽ باصلاحيت نوجوانن سان نوازيو آهي. صد?? وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل جي پاليسي هولڊرز کي انشورنس ڪمپنين جي بدانتظامي جي خلاف انصاف جي فراهمي ۾ ڪوششن کي ساراهيو. ڊاڪٽر محمد خاور جميل چيو ته صد?? جي رهنمائي ۾ ايف آءِ او پنهنجي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آندي آهي ۽ گذريل سال 6000 شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي. صد?? انشورنس ڪمپنين جي نمائندن ۽ انشورنس محتسب جي آفيسرن ۾ بهتر ڪارڪردگي تي اعترافي شيلڊز پڻ ورهايون. بعد ۾ صد?? سان لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ ذهني صلاحيت، ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صد?? چيو ته واپاري برادري عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي ته جيئن اهي معاشي سرگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو وجهي سگهن. هن چيو ته ملڪ کي غذائيت جي کوٽ ۽ 26.2 ملين اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي تعليم جهڙا چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته س??ورن چئلينجز کي مڪمل ديانتداري سان ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خاندانن ۾ ذهني صحت جي مسئلن کي وقت سر منهن ڏيڻ جي لاءِ مجموعي ذهني صحت ۽ تندرستي کي برقرار رکڻ جي لاءِ هڪ ٽول ڪِٽ هر گهر ۾ دستياب هجڻ گهرجي. وفد جي ميمبرن عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ ٻين سماجي ۽ صحت جي مسئلن جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ صد?? ۽ خاتون اول جي ڪوششن کي ساراهيو.
ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ تڪڙا فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais