اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) ??يش??ل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊي??يش?? واري وزارت وزيراعظم جي منظوري سان عائشه ر??ا فاروق کي اعزازي طور تي وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سندس مقرري فوري طور تي ڪئي پئي وڃي. عائشه ر??ا فاروق وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي ڪ??ششن ۽ تازه ترين صورتحال کان باقاعدگي سان آگاهه ڪندي جڏهن ته صوبائي، ضلعي ۽ وفاقي سطح تي ??يش??ل ايمرجنسي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران قدم کڻڻ بابت وزيراعظم کي مشاورت پڻ فراهم ڪندي. عائشه ر??ا فاروق پوليو تدارڪ جي حوالي سان قومي ٽاسڪ فورس جي باقاعده ميٽنگ منعقد ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي ۽ پوليو جي خاتمي جي مهمن جي نگراني سان گڏوگڏ سمورين ڌرين بشمول عالمي حصيدارن کي رهنمائي فراهم ڪندي ته جيئن مهم جي ڪ??ريج کي بهتر بڻائي سگهجي. عائشه ر??ا فاروق پوليو تدارڪ پروگرام جي مرڪزي سطح تي سمورين سرگرمين جي رهنمائي ڪ??دي. ماهوار ۽ هفتيوار ??يش??ل اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاسن جي صدارت ڪندي. پوليو تدارڪ جي حوالي سان ??يش??ل ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ??يش??ل ڪوآرڊينيٽر سان گڏجي قومي ۽ عالمي فورمز تي پاڪستان جي نمائندگي ڪ??دي. عالمي ترقياتي حصيدارن ۽ ٻين عطيو ڏيندڙ تنظيمن سان پوليو تدارڪ جي لاءِ وسيلا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون منعقد ڪندي ۽ ??يش??ل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊي??يش?? واري وزارت سان ويجهي رابطي ۾ ڪم ڪندي ۽ پوليو بابت مسئلن جي خاتمي لاءِ وقت سر ۽ موثر ڪردار ادا ڪندي. ??يش??ل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊي??يش?? واري وزارت مٿي ڄاڻايل ٽي او آرز تحت سندس مقرري جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
عائشه رضا فاروق وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن مقرر
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل