اسلام آباد-04-سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد ملاقات ڪئي جنهن ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي ۽ فرقيواريت جي خاتمي، مذهبي هم آه??گي، رواداري ۽ بين المسالڪ اتحاد کي هٿي ڏيڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته دهشتگردي جو ڪو به دين ۽ مذهب ??اه??، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عالم سڳورن پهرين به قوم جي رهنمائي ڪئي ۽ هاڻي به ان جي سخت ضرورت آه??. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ موثر بياني لاءِ سمورن فرقن جي عالمن سان مشاورت ڪئي ويندي. هن چيو ته عالم سڳورن سان مشاورت جي قومي مهم جو جلد آغاز ڪيو ويندو. دهشتگردي خلاف جنگ پا??ستان جي بقاءَ جي جنگ آه??، ان ناسور جي خاتمي لاءِ عالم سڳورن کي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو عظيم ڪردار ادا ڪرڻو آه??. عالم سڳورن هميشه پا??ستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آه??. هن چيو ته دشمن بدامني پکيڙي ڏڦيڙ پيدا ڪري قومي يڪجهتي کي نقصان پهچائڻ ??اه?? ٿو. سڀئي گڏجي دشمن جي ناپاڪ ايجندا کي ناڪام بڻائينداسين. مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته پيغام پا??ستان، پا??ستان جو اهو عظيم بيانيو آه?? جنهن دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ فرقيواريت کي حرام قرار ڏنو آه??. موجوده حالتن ۾ بين المسالڪ ۽ بين المذاهب هم آه??گي ۽ قومي يڪجهتي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پا??ستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ گهرو وزير جو?? ڪوششون ۽ خدمتون واکاڻ جوڳيون آه??. هن چيو ته دهشتگردي، انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پوري قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آه??. گهرو وزير محسن نقوي مولانا عبدالخبير آزاد جي مذهبي هم آه??گي، اتحاد ۽ وحدت جي حوالي سان خدمتن کي ساراهيو.
دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اثرائتي بياني لاءِ سمورن فرقن جي عالم سڳورن سان مشاورت ڪئي ويندي: گهرو وزير محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی