اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چي?? آهي ته شهيدن جي قربانين جي ڪري ئي پاڪستان جو وجود آهي. اهڙن جو اظهار هن دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي راولپنڊي ۾ ش??يد حوالدار محمد منير عباسي ۽ سپاهي هارون وليم جي گهر سندن خاندانن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي ڪيو. ان موقعي تي واپار واري وفاقي وزير چي?? ته شهيد?? پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪري ملڪ جو دفاع ڪيو. هن چي?? ته قوم حوالدار محمد منير عباسي ۽ ٻين شهيدن جي جرئت کي سلام پيش ڪري ٿي ج?? پنهنجي قيمتن جانين جو نذرانو پيش ڪيو. ڄام ڪمال خان ش??يد حوالدار محمد منير عباسي جي ٻارن کي سندن ت??ليم موجب سرڪاري نوڪري ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن چي?? ته حوالدار محمد منير عباسي ش??يد جي ٻارن کي حڪومت گهر الاٽ ڪيو آهي ۽ جنهن سرڪاري ڪوارٽر ۾ هي پهرين رهندا هئا ان ۾ ئي کين رهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي ته جيئن هو پنهنجي ڪوارٽر ويجهو آرمي پبلڪ اسڪول ۾ تعليم جاري رکي سگهن. حوالدار منير عباسي 6 آگسٽ 2015ع تي دريابي واري هنڌ تي هيليڪاپٽر حادثي ۾ ش??يد ٿيو، سندس هڪ پُٽ ۽ 3 نياڻيون آهن جيڪي پنهنجي پڦين سان هڪ سرڪاري ڪوارٽر ۾ رهن ٿيون.جڏهن ته سپاهي هارون وليم جي رهائشگاهه تي ش??يد کي خراجِ تحسين پيش ڪندي وفاقي وزير چي?? ته اسان جيڪي پارليامينٽ ۾ وڏن وڏن عهدن تي ويٺل آهيون اسان جي ذميداري آهي ته اسا?? پنهنجي شهيدن جي قربانين جو احساس ڪريون ۽ سندن پونئيرن جي زندگين ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. سپاهي هارون وليم ويجهڙ ۾ ئي 21 جون تي ميران شاهه ۾ ش??يد ٿي ويو جنهن جي هاڻ شادي ٿي هئي ۽ سندس عمر 29 سال هئي. وفاقي وزير ش??يد جي ڪٽنب سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ش??يد جي وارثن کي هر قسم جي حڪومتي تعاون جي خاطري ڪرائي. ڄام ڪمال خان سپاهي هارون وليم جي والد ۽ ڀاءُ سان به ملاقات ڪئي.
وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاران شهيد حوالدار محمد منير عباسي ۽ سپاهي هارون وليم کي خراجِ تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر