اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد کان ر??اض روانو ٿي ويو. وزيراعظم ر??اض ۾ 29 کان 31 آڪٽوبر تي ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ”لامحدود آفتون: ايندڙ سڀاڻي جي تعمير جي لاءِ اڄ جي سيڙپڪاري“ جي موضوع تي ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جا ملڪ شريڪ ٿيندا. شريڪ ملڪ پنهنجي معيشت جي خصوصيتن تي روشني وجهندي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ پائيدار مستقبل جي لاءِ مشاورتي عمل جو حصو بڻجندا. فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، تعليم، توانائي، خلا، صحت ۽ پائيدار ترقي جي حوالي سان دنيا کي درپيش مسئلن جي حل جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ٿيندي. پنهنجي ٻن ڏينهن جي سعودي عرب جي دوري ۾ وزيراعظم جي سعودي اعليٰ قيادت سان ملاقات پڻ ٿيندي. وزيراعظم محمد ش??باز شريف جي سعودي ولي عهد ش??زاده محمد بن سلمان سان به ملاقات متوقع آهي. ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ موجوده ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، توانائي، معدنيات، زراعت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزيراعظم ج?? اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ۾ شرڪت ڪندڙ عالمي ا??وا??ن سان به ملاقاتون متوقع آهن. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.
وزيراعظم سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي رياض روانو
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ