اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف قوم کي رحمت جي برسات جي لاءِ نماز استسقاء ادا ڪ??ڻ جي اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قوم کي درخواست ڪئي آهي ته اها نماز استسقاء ادا ڪ??ي ۽ الله تعاليٰ کان رحمت جي برسات جي لاءِ خصوصي دعا گهري وڃي. وزيراعظم عالم سڳورن کي چيو ته اهي خاص طور تي نماز استسقاء جي اهتمام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، برسات پوڻ سان ماحول ۾ بهتري ايندي، بيمارين ??ان ڇوٽڪارو ملڻ ۾ وڏي مدد ملي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ آڏو خصوصي دعا??ون گهريون وڃن ته جيئن انساني زندگي کي ان تڪليف مان ڇوٽڪارو ملي سگهي. وزيراعظم چيو ته وفاق ۽ صوبن جي اهتمام هيٺ سمورين ??سجدن ۾ نماز استسقاء جو اهتمام ڪيو وڃي، موجوده صورتحال رحمت جي برسات جي شديد ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری