اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پرتشدد جي حوالي سان پي ٽي آءِ جو ٽريڪ رڪارڊ آهي، مظاهرو ڪندڙن پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن تي تشدد ڪيو، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اهڙيءَ طرح جي تشدد ۽ حملن جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، ايس سي او ڪانفرنس جي موقعي تي به پي ٽي آءِ رنڊڪون وِجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو پنهنجي ناپاڪ اِراد?? ۾ ??ڏهن ڪامياب نه ٿي سگهي. اهڙو اظهار هن سڌ سماءَ و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪيو، پرتشدد احتجاج لاءِ ڪي پي ڪي جا ??رڪ??ري وسيلا استعمال ڪيا ويا، 9 مئي تي به پي ٽي آءِ سلامتي جي ادارن جي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو، ان شخص لاءِ احتجاج ڪيو ويو جنهن تي بدعنواني جا سنگين ??لزام آهن، پرتشدد احتجاج پي ٽي آءِ باني جي ڪيسن جي ٽرائل کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش آهي. احسن اقبال چيو ته هڪ سياسي پارٽي گاديءَ و??ري هنڌ ۾ ??مل?? ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جديد هٿيارن سان شرپسندن کي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ لاءِ آندو ويو، پي ٽي آءِ باني کي ثبوت ڏيڻا پوندا هن ڪجهه ناهي ڪيو، پي ٽي آءِ باني کي سياسي انتقام جو نشانو نه پيو بڻايو وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ دعويٰ ڪري رهي هئي ته آزاديءَ تائين ??حتجاج ختم نه ڪيو ويندو، عمران خان تي ڪرپشن جا سنگين ??لزام آهن، احتجاج جي نالي تي جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو مهذب معاشرو برداشت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پرتشدد سياست جو سلسلو 2014ع کان جاري آهي جنهن کان پوءِ لانگ مارچن جو انگ وڌيو، پر اهي هميشه ناڪام رهيا. احسن اقبال 9 مئي جي واقعن جو حوالو ڏيندي چيو ته ان ڏينهن پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاڪ فوج ۽ اهم ٺڪاڻن تي ??مل?? ڪيا، جن ۾ جي ايڇ ڪيو ۽ ڪور ڪمانڊر لاهور جون رهائشگاهه شامل آهن. ايس سي او ڪانفرنس جي موقعي تي به پي ٽي آءِ رنڊڪون وِجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهو پنهنجي ناپاڪ اِراد?? ۾ ??ڏهن ڪامياب نه ٿي سگهيا. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني سياسي قيدي ناهي، سندس خلاف ڪرپشن جا سنگين ??لزام آهن، سندن وڪيل ٻُڌڻيءَ ۾ دير پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيئن منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ به دير وارا حربا استعمال ڪيا ويا هئا. هن الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ باني لنڊن ۾ ضبط ٿيل رقم کي پنهنجي فنانسر لاءِ وائيٽ مني ۾ تبديل ڪيو.
پرتشدد جي حوالي سان پي ٽي آءِ جو ٽريڪ رڪارڊ آهي، مظاهرو ڪندڙن پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن تي تشدد ڪيو: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون