اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته بينظير ڀٽو شهيد جمهوريت جي علمبردار، مڪالمي ۽ مفاهمت جي مضبوط حامي ۽ استقامت جي علامت هئي. وزيراعظ?? محمد شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي 17هين ??هادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان بينظير ڀٽو جي شهادت جي 17هين ورسيءَ ملهائي رهيا آهيون. جمهوريت جي علمبردار ۽ سياسي عمل ۾ مڪالمي ۽ مفاهمت جي مضبوط حامي، بينظير ڀٽو همت ۽ استقامت جي علامت بڻي. هن چيو ته ميثاق جمهوريت جنهن تي بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف جي وچ ۾ صحيحون ٿيون، اهو سندس پائيدار سياسي ڏاهپ جو ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته سندس خاندان، خاص طور تي صدر آصف علي زرداري، چيئرمين ??لاول ڀٽو زرداري ۽ سندس پيروڪارن کي دل جي گهراين ??ان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، جيڪي فخر سان سندس ويزن ۽ سندس نظرين کي اڳتي وڌائي رهيا آهن.
بينظير ڀٽو شهيد جمهوريت جي علمبردار، مڪالمي ۽ مفاهمت جي مضبوط حامي ۽ استقامت جي علامت هئي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada