اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيد??ن جي فهرستن جي م??اس??ا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب فهرستن جي هڪ ئي وقت م??اس??ا 2008ع جي قونصلر پهچ جي معاه??ي تحت ٿي. معاه??ي تحت ٻنهي ملڪن کي هر سال پهر??ن جنوري ۽ پهر??ن جولاءِ تي هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيد??ن جي فهرستن جي م??اس??ا ڪرڻي هوندي آهي. بيان موجب پاڪستان حڪومت پاڪستان ۾ قيد 266 ڀارتي قيدين (49 سويلين قيدين ۽ 217 مُهاڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ پاڪستاني قيد??ن جي فهرست پاڪستاني هاءِ ڪميشن نئين دهلي جي هڪ آفيسر سان شيئر ڪئي. فهرست موجب ڀارت جي جيلن ۾ مجموعي طور تي 462 پاڪستاني آهن جن ۾ (381 شهري قيدي ۽ 81 مُهاڻا) شامل آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جدا کان ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها انهن سمورن پاڪستانين (52 شهري قيدين ۽ 56 مُهاڻن) کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جن پنهنجي سزا پوري ڪري ورتي آهي ۽ جن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿي چڪي آهي. ترجمان پنهنجي بيا?? ۾ ??يو ته ڀارتي حڪومت تي پڻ زور ڏنو ويو آهي ته اها انهن سمورن پاڪستان??ن جي حفاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي جيڪي آزادي ۽ وطن واپسي جا منتظر آهن. پاڪستان وڌيڪ اهو ته 1965ع ۽ 1971ع جي جنگ??ن جي 38 گم ٿيل دفاعي اهلڪارن کي قونصلر پهچ ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.
پاڪستان ۽ ڀارت پاران سفارتي ذريعن وسيلي قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا