بيجنگ – 05 مارچ (اي پي پي) چين جي 14هين قومي عوامي ڪانگريس جو ٻيو اجلاس بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ شروع ٿي ويو. چيني ميڊيا گروپ مطابق چين جي صدر شي جن پنگ ۽ رياستي اڳواڻن افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڇيانگ ڪانفرنس ۾ حڪومتي ور?? رپورٽ پيش ڪئي. ور?? رپورٽ مطابق چيني قيادت جي انٿڪ ڪوششن جي نتيجن ۾ گذريل سال دو??ان ملڪي معيشت جي بحالي ۾ مجموعي طور تي بهتري آئي آهي. جي ڊي پي جو ڳاڻيٽو 1260 کرب يوآن کان وڌي ويو آهي جيڪو 5.2 سيڪڙو جو اضافو ظاهر ڪري ٿو جيڪو دنيا جي وڏي معيشتن جي اوسر ۾ شامل آهي. گذريل هڪ سال دو??ان شهري ع??ائ??ن ۾ هڪ ڪروڙ 24 لک 40 هزار نئين ملازمون پيدا ڪيون ويون ۽ بي روزگاري جي اوسر 5.2 سيڪڙو رهي. صارفي قيمتن ۾ 0.2 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. ادائيگين جو توازن بنيادي طور تي متوازن آهي. هلندڙ سال جي اهم ترقياتي هدف ۾ جي ڊي پي جي اوسر واري شرح لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو تي برقرار رکڻ، شهري ع??ائ??ن ۾ روزگار جا وڌيڪ 12 ملين موقعا پيدا ڪرڻ، شهري ع??ائ??ن ۾ سروي ٿيل بي روزگاري جي اوسر کي لڳ ڀڳ 5.5 سيڪڙو تائ??ن آڻڻ، صارفي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 3 سيڪڙو اضافو، شهرين جي آمدني ۽ معاشي اوسر ۾ بيڪ وقت اضافو، بنيادي ادائيگين جو توازن، 1.3 ٽريلين کان وڌيڪ رکڻ، اناج جي پيداوار ۾ اضافو، جي ڊي پي جي في يونٽ توانائي کپت ۾ لڳ ڀڳ 2.5 سيڪڙو جي گهٽتائي ۽ ماحول جي معيار ۾ مسلسل بهتري شامل آهن.
چين جو جي ڊي پي 1260 کرب يوآن کان وڌي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی