منيٰ -18 جون (اي پي پي) حاجين حج جا رڪن ادا ڪندي پنهنجي اُڃ ختم ڪرڻ لاءِ آب زم زم پي??ند?? ۽ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندا رهيا. م??جد الحرام اندر فراهم ٿيندڙ اهي ??دمتون گذريل 45 سالن کان جاري آهن. آب زم زم ڏيڻ جي نظام جي انتظاميه زم زم جي کوهن نگراني ڪئي، کوهن مان ڪنٽينرز ۾ ٿڌو ۽ باقاعده پاڻي فراهم ڪيو ۽ پاڻي جي ٿانون جي سار سنڀال ۽ صفائي جو به خيال رکيو. انتظاميه پاڻي جي معيار ۽ ان جي صفائي کي به يقيني بڻاويل ۽ حاجي سڳورن کي ٿڌو پا??ي پيئڻ لاءِ فراهم ڪيو. زم زم جي پاڻي جي پاڪيزگي کي برقرار رکڻ لاءِ ان کي گدلاڻ کان پاڪ رکڻ لاءِ م??جد الحرام ۽ م??جد نبوي جي معاملن جي سار سنڀال ڪندڙ ??نرل اٿارٽي پاڻي جو تجزيو ڪرڻ ۽ جراثيمن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ هڪ ليباريٽري به قائم ڪئي آهي. جراثيم ختم ڪندڙ عمل ۾ ڪيميڪلز شامل ڪرڻ کان سواءِ الٽرا وائلٽ شعاعن جو استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن مان بيڪٽيريا ۽ وائرس جي خاتمي لاءِ 99.77 سيڪڙو خاتمي جي شرح حاصل ڪئي ويندي آهي. هڪ ڪلوواٽ بجلي 12000 گيلن پاڻي کي جراثيمن کان پاڪ ڪندي آهي، جڏهن ته زم زم جي پاڻي جو رنگ، ذائقو يا خوشبو تبديل نه ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جراثيم جي خاتمي جو طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي.
آب زم زم حج جي رڪنن جي ادائگي دوران حاجين جي اڃ اُجهائي
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada