گڏيل قومون-02 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته اسرائيلي فوج پاران لبن??ن جي علائقن کي خالي ڪرڻ وارن حڪمن کان پوءِ لبنان مان 2 لک ماڻهو لڏڻ پلاڻ ڪري بي گهر ٿي چڪا آهن جن مان هڪ لک کان وڌيڪ شام هجرت ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن م??جب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتو??يو??وتريش جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته گڏيل قومن جي انساني معاملن واري اداري لبنان ۾ بي گهر ٿيل ماڻهن جي انگ ۾ اضافي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. هن چيو ته لبنان ۾ بي گهر ٿيل ماڻهن جي فوري طور تي مدد لاءِ پنهنجي شراڪتدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. يونيسيف موجب 2 هزار کان وڌيڪ اجتماعي پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن جن ۾ 50 هزار بي گهر ماڻهن کي ضروري سامان م??يا ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته سيڪريٽري جنرل انتو??يو??وتريش عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اها انساني بنياد تي 426 ملين آمريڪي ڊالرن جي هنگامي امداد فراهم ڪري جنهن کي ايندڙ ٽن م??ينن تائين 10 لک ماڻهن جي امداد لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
لبنان مان 2 لک ماڻهو هجرت ڪري چڪا آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری