تهران-29 نومبر(اي پي پي) ايران چيو ??هي ته اولهه وارن ملڪن طرفان مٿس ٻيهر پابنديون لڳايون ويون ته ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ تي لڳايل پابنديون ختم ڪري سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پرڏيهي ميڊيا کي انٽريو دوران ڪ??و. ??ن چيو ته سندس ملڪ هن وقت ايٽمي مواد جي 06 سيڪڙو کان وڌيڪ جي رچاءَ کان اڳيان وڌڻ جو ڪو ارادو نه ٿو رکي .عباس عراقچي ان ڳالهه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته واعدن موجب ايران تي لڳايل پابنديون اڃا ختم نه ڪيون ويون آهن. ان صورتحال ان بحث کي شروع ڪيو ??هي ته ايران ک?? پنهجي ايٽمي پاليسي يا نظرئي ۾ تبديلي آئڻ گهرجي. گڏيل قومن جي عالمي ايٽمي توانائي وا??ي ايجنسي موجب ايران دنيا جو ايٽمي هٿيار نه رکندڙ واحد ملڪ ??هي جيڪو هن وقت يورينيم جو 60 سيڪڙو تائين رچاءُ ڪري رهيو ??هي جڏهن ته ايٽم بم ٺاهڻ لاءِ يورينيم کي 90 سيڪڙو رچاءُ گهربل هوندو آهي. واضع رهي ته ايران ۽ وڏين طاقتن وچ ۾ 2015 ع جي ايٽمي معاهدي تحت ايران ک?? پنهجي ايٽمي پروگرام کي محدود ڪرڻ جي بدلي ۾ اولهه وارين پابندين ۾ ڇوٽ ڏيڻ شامل هو ته جيئن ان ک?? ايٽمي هٿيار ٺاهڻ کان روڪي سگهجي جڏهن ته آمريڪا جلد ئي ان معاهدي کان ڌار ٿي ويو جنهن کان پوءِ ايران يورينيم جي رچاءَ جي سطح کي اڳيان وڌايو هو.
اولهه جي ملڪن ٻيهر پابنديون هنيُون ته ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ تي لڳايل پابنديون ختم ڪري سگهون ٿا: ايران
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز