اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) صدر ??من??ن حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي هڪ سدابهار ??شتو آهي، هي هڪ منفرد دوستي آهي، اسان سٺا پاڙيسري، ويجها دوست، بااعتماد حصيدار ۽ مضبوط ڀائر ملڪ آهيون، اسان جا لاڳاپا مضبوط حڪمت عملي تحت سدابهار ??عاون جي حصيداري سبب اڄ استحڪام جي بلندين تي پهچي رهيا آهن. پاڪستان چين سفارتي لاڳاپن جي 65 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي مبارڪب??د واري پيغام ۾ هن چيو ته بين الملڪي انهن تبديلين نه رڳو هڪ ڀيرو پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو پر ان جي ڪري ٻنهي ملڪن جي سياسي منظرنامي کي پڻ هڪ نئين جدت ملي، انهن سمورين تبديلين سبب اسان جي دوستي استحڪام جي نئين حدن تائين پهچي رهي آهي. هتي اها ڳال??ه ذڪر جوڳي آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي ان مضبوط رشتي مستقبل ۾ هر قسم جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ڍال فراهم ڪئي آهي.
پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي هڪ سدابهار رشتو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ