بکر – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مسل?? ليگ (ن) نعرن بدران عوام جي خدمت ڪئي آهي، 5 سالا ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام جولاءِ 2018ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مسل?? ليگ (ن) کي ووٽ ڏيندي، ايندڙ چونڊن ۾ لعنت موڪليندڙن ۽ خدم?? ڪندڙن جي وچ ۾ مقابلو هوندو ۽ عوام باشعور آهي، اها خدم?? ڪندڙن کي چونڊيندي. بکر ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ کانپوءِ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ تمام گهڻي خوشي آهي جو توهان جو پراڻو مطالبو پورو ٿيو، مون کي نواز شريف جي خصوصي هدايت هئي ته 20 سالن کان جيڪو واعدو پورو ڪرڻ جو موقعو نه مليو ??هو واعدو مڪمل ڪرڻ تي انهن کي مب??رڪباد ڏيان، 7 ارب رپين جي لاڳت سان پل جو ??هو منصوبو مڪمل ٿيندو ۽ ڪلاڪن جو سفر منٽن ۾ طئي ٿيندو، اها ٻن صوبن کي ڳنڍيندڙ پل آهي، مسل?? ليگ (ن) سدائين صوبن کي ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪئي، فرق جي نه، ان کان اڳ جون حڪومتون ۽ آمريتون به اها پل نه ٺاهي سگهيون هيون جڏهن ته ??هو مسل?? ليگ (ن) ۽ نواز شريف جي حصي ۾ آيو ته ملڪ ۾ ترقي جا منصوبا ڏي، ملڪ کي اڳتي وٺي هلي.
مسلم ليگ (ن) نعرن بدران عوام جي خدمت ڪئي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ریل رش