اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا گذريل 10 سالن دوران اڳوڻن صدرن ۽ وزيراعظمن جي غير ملڪي سفري خرچن، علاج ۽ حج عمري جا خرچ آئيني طريقي ??ان وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 900 ڪروڙ روپين جي گهر ۾ رهندڙ شخص جي پيءَ جي علاج جو پئسو پاڪستاني قوم ادا ڪيو، ڀٽو زنده آهي جي نعري جي آڙ ۾ پي آءِ اي جي 21 اڏامن کي قوم ر??ٽ تان هٽائي سکر پهچايو ويو، اڳوڻن حڪمرانن جي دهي پڙن جو بل 25 ڪروڙ روپيا ادا ڪيو ويو، نواز شريف جي علاج لاءِ پي آءِ اي جو جهاز پارڪ ڪرڻ جي مد ۾ 28 ڪروڙ روپيا قومي ناڻي مان ادا ڪيا ويا، وزيراعظم ج?? اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چ??و ته وفاقي ڪابينا جي گذريل ڏينهن جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري ۽ ان جي مثبت اثرن، قومي ترجيحن ۽ خطي جي صورتحال تي غور ڪيو ويو، ڪابينا وزيراعظم عمران خان کي ڪامياب دوري ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني
ڪابينا وزيراعظم کي آمريڪا جي ڪامياب دوري تي مبارڪباد ڏني آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت