اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وب?? جي ڪري پي آءِ اي جو هر مهيني خسارو 5 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، بيشڪ مون سميت پوري ڪابينا جو احتساب ڪيو وڃي جڏهن ته انهن ماڻهن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي جن ٽي ٽي ڀيرا وزيراعظم ۽ 6، 6 ڀيرا وزارتن ۾ رهي هن غريب م??ڪ کي نقصان پهچايو، نيب جاچ جي آجيان ڪندس ۽ چاهيان ٿو ته منهنجي 1970ع کان 2020ع تائين سمورن اثاثن جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ ڪورونا وائرس و??ا جي موجوده صورتحال تي بحث ۾ ??صو وٺندي هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته پوري دنيا ڪورونا وب?? جو شڪار آهي ۽ هر ملڪ ۾ ايوي ايشن آپريشن معطل ٿيو. پاڪستان ۾ به اها صورتحا?? درپيش آئي.
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ