اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاروبار ۽ واپاري سرگرمين ۾ عورتن ۽ نوجوانن جي شرڪت وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت جي موثر پاليسي جي ڪري پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي نمايان ڪاميابيون ??اصل ڪيون ??هن، ملڪ ۾ ورچوئل ايجوڪيشن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڊيجيٽل ??ال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ۽ پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن 2023ع ۾ مڪمل ٿي ويندي جنهن سان ڪارڪر??گي ۾ بهتري ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيجيٽل ??عاون ??نظيم (ڊي سي او) جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل ويمه اليحييٰ جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آءِ ٽي وارو سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت پڻ ان موقعي تي موجود هو. صدر چيو ته حڪومت جي موثر پاليسي جي ڪري پاڪستاني آءِ شعبي نمايان ڪاميابيون ??اصل ڪيون ??هن، آءِ ٽي گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. صدر چيو ته عورتون ??نفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاروبار ۽ واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺي سگهن ٿيون، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ جو پروگرام ڊيجي اسڪلز هيستائين 10 لک نوجوانن کي تربيت ڏئي چڪو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ورچوئل ايجوڪيشن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڊجيٽل ??ال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. صدر ۽ پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن 2023ع ۾ مڪمل ٿيندي جنهن جي نتيجي ۾ ڪارڪر??گي ۾ بهتري ايندي. صدر عارف علوي چيو ته ڊي سي او ڊيجيٽل ??عاون وڌائڻ ۽ گڏيل تجربن مان سکڻ جي لاءِ بهترين پليٽ فارم آهي. ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان کي تنظيم جو ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ڊي سي او پاڪستان کي آءِ ٽي شعبي ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ دلڪش ملڪ طور پيش ڪندي، ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ڊيجيٽل ??عاون ??نظيم پاڪستان کي ڪلائوڊ سروسز جي فراهمي ڪندڙ ملڪ طور اجاگر ڪندي ۽ عورتن ۽ نوجوانن کي ڊيجيٽل ??ور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندي رهندي. هن چيو ته ڊي سي او عورتن ۽ نوجوانن کي نوڪريون ڳولڻ بدران نوڪريون پيدا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندي.
انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاروبار ۽ واپاري سرگرمين ۾ عورتن ۽ نوجوانن جي شرڪت وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر