اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ 18 سيڪيورٽي اهلڪارن جي پوئينرن کي ٽيليفون ڪري شهيدن ج?? عظيم قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پي?? ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر روايت موجب شهيدن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پي?? ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر چيو ته سڄي قوم وطن خاطر جان جو نذرانو پيش ڪندڙ جي احسانمند آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن ج?? عظيم قرباني تي فخر ڪندي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي 2 فيبروري تي نوشڪي ۾ دهشتگر حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر ڪيپٽن محمد بلال خالد، لائنس نائيڪ عنايت الله ۽ س??اهي وحيد علي جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن پنج فيبروري تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي خاندان جي ماڻهن سان رابطو ڪيو ، صدر سپاهي ساجد علي، سپاهي ناهيد اقبال ۽ س??اهي محمد ضياءُ الله خان جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، سپاهي محمد سمير ۽ س??اهي عجب نور جي خاندان جي ماڻهن سان به صدر افسوس جو اظهار ڪ??و، صدر 25 جنوري تي ڪيچ ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ 10 نوجوانن جي گهروارن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر نائيڪ وقاص احمد، سپاهي ظفر اقبال، سپاهي نويد غفور جي خاندان جي ماڻهن سان افسوس جو اظهار ڪ??و، ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي عدنان مصطفيٰ، زين علي، محمد شهزاد حسين، فرحان احسن طارق جي گهروارن سان به رابطو ڪ??و، صدر سپاهي محبوب علي، ارسلان منظور ۽ محمد ياسر کي به خراج عقيدت پي?? ڪيو.
صدر پاران مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ 18 سيڪيورٽي اهلڪارن جي پوئينرن کي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات