اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) ايوان صد?? جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صد?? جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ايوان صد?? جي جامع مسجد مان ”اسلامو فوبيا جي عالمي ڏينهن“ جي موضوع تي خطبو ڏنو ويو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز جمعي جو خطبو ڏنو، هن چيو ته مسلمانن سدائين علم کي فروغ ڏنو آهي، خطيب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر معاشرو ۽ ماحول ڇڏڻو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان قرارداد منظور ڪئي وئي آهي جنهن جي منظوري ۾ سمورن اسلامي ملڪن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته مسلمانن سدائين هر معاشري جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو، وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي سان پوري انسانيت جي بهتر ممڪن بڻائي س??هج?? ٿي، واضح رهي ته صد?? ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صد?? جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جمعي نماز جي موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.
ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena