اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آبادگارن کي ترجيحي بنيادن تي ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ هنگامي بنيادن تي زرعي ??ڌا??ا لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ زرعي شعبي جي ??ڌا??ن تي اعليٰ ??طح?? اجلاس ٿيو. اجلاس ۾و فاقي وزيرن طارق بشير چيما، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، مفتاح اسماعيل، خاص معاونين احد چيما، محمد جهازين خان جڏهن ته سمورن صو??ن جي زراعت سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ زرعي ??ڌا??ن جي لاءِ مختلف شع??ن جي 8 سب ڪميٽين جون وزيراعظم کي سفارشون پيش ڪيون و??ون، انهن سفارشن ۾ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري ٺوس منصوبابندي شامل آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ترجيحي بنيادن تي آبادگارن کي ضروري سهولتون فراهم ڪندي. حڪومت آبادگارن کي گهٽ لاڳت تي وقت سر معياري ٻج، ڀا?? جي فراهمي يقيني بڻائيندي. آبادگارن کي غيرمعياري ٻج ۽ زرعي دوائُون وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جو خاتمو ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته مقامي سطح تي معياري ٻج جي پيداوار جي لاءِ زرعي تحقيقي ادارن کي سهولتون فراهم ڪيون و??نديون. حڪومت آبادگارن کي جديد مشينري ۽ قرضن ۾ سهولت جي فراهمي يقيني بڻائيندي. حڪومت ڪڻڪ ۽ زرعي جنسن کي ذخيرو ڪر?? جي لاءِ سائيلوز جي تعمير تي ڪم ڪندي. ڪڻڪ جي فصل جي پوکيءَ کان اڳ پيداوار ۾ في ايڪڙ يقيني بڻائڻ جا قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته يقيني بڻايو وڃي ته زرعي شين تي حڪومت پاران سبسڊي آبادگارن تائين پهچي. زرعي منصوبابندي جي دوران موسمياتي تبديلي جي اثرن کي پڻ نظر ۾ رکيو وڃي. آبادگارن کي زراعت جي عالمي سطح تي لاڳو جديد طريقيڪار کان روشناس ڪرائ?? جي لاءِ ٺوس آگاهي مهم هلائي وڃي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪڻڪ، ڪپهه، کاڄرو تيل، ڀاڻ، زرعي تحقيقي، زراعت ۾ پاڻي جي استعمال، موسمياتي تبديلي ۽ زرعي مشينري جي حوالي سان قائم سب ڪميٽين تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. اجلاس ۾ اڳتي ڪڻڪ، ڪپهه ۽ کاڄرو تيل جي پيداوار جي لاءِ قدمن، آبادگارن کي گهٽ لاڳت تي جديد مشينري، يوريا ۽ ڊي اي پي تي سبسڊي، متوقع پيداوار ۽ درآمدي معياري ٻج، پاڻي جي بهتر استعمال ۽ آبادگارن کي وقت سر قرضن جي فراهمي جي حوالي سان سفارشون ڪيون و??ون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن لاڳاپيل وزارتن کي انهن سفارشن مان ايندڙ فصل جي لاءِ هنگامي بنيادن تي زرعي ??ڌا??اجاتي پلان جوڙين. وزيراعظم 2 ڏينهن جي اندر ان پلان کي پيش ڪر?? جي هدايت ڪئي. وزيراعظم تمام جلد ملڪ ۾ زرعي ??ڌا??ن جي لاءِ ٺوس منصوبي جو اعلان ڪندو جنهن سان نه رڳو آبادگار خوشحال، ملڪي زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ زرعي جنسن جي درآمد ۾ گهٽتائي ٿيندي.
وزيراعظم پاران آبادگارن کي ترجيحي بنيادن تي ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ هنگامي بنيادن تي زرعي سڌارا لاڳو ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی