اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شمسي توانائي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي حوالي سان سمورين ڌرين جي ايندڙ هفتي پري بڊ ڪانفرنس م??عقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شهباز شريف چيو ته سرڪاري عمارتن ۽ ڊيزل تي هلندڙ ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪنداسين، ڊيزل، ڪوئلي ۽ فرنس آئل تي هلندڙ پاور پلانٽس کي مرحليوار منتقل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته بجلي جو هڪ ??ڏو حصو درامد ٿيل تيل سان پيدا ٿي رهيو آهي جنهن جون قيمتون تازن مهينن ۾ تمام بلند ٿي ويون آهن، اسان جو قومي شمسي توانائي جي قدمن جو مقصد مهانگي بجلي کي سستي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ آهي جنهن سان عوام کي تمام ??ڏو ريليف ملندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي بچ?? ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب