اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان پاڪستان ۾ ??طر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ??طر جي سفير وزيراعظم کي ??طر جي امير جو نيڪ خواهشن جو خصوصي پيغام پهچ??يو. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف تاريخ جي ڪامياب ترين فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني تي ??طر کي مبارڪباد ڏني ۽ ورلڊ ڪپ دوران فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي اهم ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم انهن لاڳاپن کي ٺوس اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي ??ن سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي جي شعبن ۽ افرادي قوت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ??طر نار خطي ۾ پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي رکندڙ ملڪ آهي. پاڪستان ۽ ??طر جا لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ قدرن تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو تعاون ڪن ٿا.
وزيراعظم سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار