لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??رڪ??ه ۽ شا?? جي زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي س??ما?? جي مقرر مدي ۾ روانگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته 23 مارچ 2023ع تائين ??رڪ??ه ۾ سرديءَ کان بچاءُ جا 50 هزار خيما موڪليا ويندا، هن خيمن جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ??رڪ??ه موڪلڻ کان اڳ رينڊم چيڪنگ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ??رڪ??ه ۽ شا?? ۾ زلزلي متاثرين جي لاءِ خصوصي طور تي تيار ڪيل خيمن ۽ ٻين امدادي شين جي جلد کان جلد پهچ تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، ناڻي واري وفاقي وزير، پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ واري وفاقي وزير ۽ ??رڪ??ه ۾ پاڪستان جي سفير بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مهيني 23 مارچ تائين ??رڪ??ه ۽ شا?? 34 اڏامون امدادي س??ما?? کڻي وينديون، انهن اڏامن ۾ سرديءَ کان بچاءُ جا 50 هزار خيما، 38 هزار ڪمبل ??رڪ??ه لاءِ ۽ 22 هزار ڪمبل ۽ 10 هزار راشن جا پيڪيٽ شا?? موڪليا ويندا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اڄ رات ٻه مال بردار جهاز 220 ٽن امدادي س??ما?? کڻي ??رڪ??ه جي لاءِ روانا ٿيندا. ان کانسواءِ سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن ??رڪ??ه ۽ شا?? جي زلزلي متاثرين جي لاءِ پاڪستان نيوي جو ٻيو سامونڊي جها?? سامان کڻي روانو ٿيندو. وزيراعظم ??رڪ??ه ۽ شا?? جي لاءِ امدادي س??ما?? جي مقرر مدي ۾ روانگي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي، ??رڪ??ه ۾ پاڪستان جي سفير ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ناڻي واري وزارت معاشي مسئلن جي باوجود امدادي س??ما?? جي پيداوار ۽ پهچ جي لاءِ گهربل وسيلا مهيا ڪيا جيڪا سراهه جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته اين ڊي ايم اي، ناڻي واري وزير، منصوبابندي واري وزير، پرڏيهي وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ??رڪ??ه ۽ شا?? ۾ مقرر سفيرن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو جيڪي زلزلي سٽيلن جي مدد لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ سرنديءَ وارا زلزلي متاثرين جي لاءِ دل کولي عطيا جمع ڪرائي رهيا آهن.
وزيراعظم پاران ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي سامان جي مقرر مدي ۾ روانگي يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون