اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي)موجوده حڪومت زرعي شعبي تي ٻوڏ جي تباهه ڪُن اثرن ۽ مشڪلاتن کي دُور ڪرڻ لاءِ 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو هاري پيڪيج ڏنو آهي. ناڻي واري وزير بجيٽ تقرير کي خطاب ڪندي چيو ته مونکي خوشي آهي ته ان پيڪيج جا معيشت تي مثبت اثر آيا آهن. ٻوڏ جي تباهه ڪا??ين باوجود زرعي شعبي ۾ 1.5 سيڪڙو جي گروٿ ٿي آهي. ڪڻڪ جو بمپر ڪراپ فصل ٿيڻ سبب 28 ملين ٽن کان وڌيڪ پيداوار ٿي ۽ هاري جي آمدنيءَ ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته اسان جي ٻهراڙي جي معيشت ۾ 1500 کان 2 هزار ارب رپيا اضافي منتقل ٿيو. ان سان ملڪ جي مجموعي معيشت تي مثبت اثر پوندا. بجيٽ 24-2023ع ذريعي حڪومت زرعي شعبي لاءِ رعايتن کي جاري رکڻ جو ارادو رکي ٿي. جنهن جا تفصيل اڳتي هلي پيش ڪيا ويندا. اميد آهي ته هي قدم مل?? ۾ ??وڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان اهم ??رد??ر اد?? ڪن. هن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران ٻوڏ کان متاثر علائقا ملڪي معيش?? ۾ ??نهنجو ??رد??ر اد?? نه ڪري سگهيا. حڪومت انهن علائقن ۾ بحاليءَ جو ڪم مڪمل ڪيو آهي. نئين سر تعمير لاءِ حڪومت 578 ارب رپين جي منصوبن تي ڪم شروع ڪيو آهي ۽ انشاءَ الله ايندڙ مالي کان اهي علائقا معيش?? ۾ ??يهر پنهنجو فعال ??رد??ر اد?? ڪندا.
حڪومت زرعي شعبي تي ٻوڏ جي تباهه ڪُن اثرن ۽ مشڪلاتن کي دُور ڪرڻ لاءِ 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو هاري پيڪيج ڏنو آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری