اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جي با??ي ۽ اهم اڳواڻ شب??ر احمد شاهه سميت غيرقانوني طور تي نظربند ٻين هزارين ڪشميري سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ??ه ڀارت انهن جي ڊگهي قيد کي ختم ڪري جن جو ”بنيادي ڏوهه“ انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جو مطالبو ڪرڻ آهي. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته انهن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي ۽ انهن تي هنيل هٿ ٺوڪين الزامن کان انهن کي آزاد ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته شب??ر احمد شاهه هن مهيني پنهنجي مس??سل نظربندي جا 6 سال مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ هو هن وقت نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ قيد آهي. ترجمان چيو ته شب??ر احمد شاهه پنهنجي سياسي خيالن جي ڪري 36 سال جيل ۾ گذاري چڪ?? آهي. هن چيو ته شب??ر احمد شاهه جي قيد جو ڪل مدو ان جي زندگي جي اڌ کان وڌيڪ آهي، ان کي انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل بجاطور ”ضمير جو قيدي“ قرار ڏنو آهي.
پاڪستان پاران ڄمون ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جي باني ۽ اهم اڳواڻ شبير احمد شاهه سميت غيرقانوني طور تي نظربند ٻين هزارين ڪشميري سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب