اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير زرعي شعبي جي اهميت تي زور ڀريندي چيو آهي ته گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت سمورن ضلعن ۾ زرعي مالز منعقد ڪيا ويندا جتي آبادگارن کي هر طرح جون زرعي سهولتون ميسر هونديون، هر قسم جي ??افيا کي قوم سان گڏجي ختم ڪنداسين، سوشل ميڊيا تي ڏڦيڙ، مايوسي ۽ افراتفري جو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي. هو ڪسان ڪنويشن کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ايشيا جو تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ هو پر اسان قائداعظم جي ??ن سنهري اصولن ايمان، اتحاد ۽ تنظيم کي وسارڻ سبب تنزلي جو شڪار ٿياسين. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته ??راعت ۽ مال چارڻ نبوي پيشو رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ??ن پيشي ۾ ڊسيپلين، تڪليف ، اوسر ۽ صبر شامل آهن جن جي ??تيجي ۾ تمام وڏا انعام ملندا آهن، پاڪستان جي باري ۾ افواهه ۽ ناڪاري ڳالهيون ٻڌايون پيون وڃن پر اوهان کي خبر هجڻ گهرجي ته ڪلمي جي ??الي تي ٻه ??ي رياستون قائم ٿيون، رياست طيبه ۽ رياست پاڪستان، هي رڳو اتفاق ناهي. هن چيو ته پاڪستان وسيلن سان مالا مال آهي، پاڪستا?? وٽ گليشيئرز، درياءَ، جبل، سمنڊ ۽ زرخيز زمين آهي جنهن مان دنيا جو بهترين چانور، ڪينو ۽ انبن جهڙا ميوا، گرينائيٽ، سون ۽ ٽامي جهڙا خزانا موجود آ??ن. هن چيو ته گرين پاڪستان انيشيئيٽو جو مقصد اهو ئي آهي ته ??سان کي سڀ کان پهرين زراعت تي ڪم ڪرڻو آهي، گرين پاڪستان انيشيٽو جي آمدني جو وڏو حصو صوبن ڏانهن ويندو جڏهن به باقي حصو آبادگارن ۽ زرعي ريسرچ لاءِ رکيو ويندو. فوج جو ان ۾ رول صرف عوام ۽ آبادگارن جي خدمت آهي. آرمي چيف چيو ته ??مورن ضلعن ۾ زرعي مالز منعقد ڪيا ويندا جتي آبادگارن کي هر طرح جون زرعي سهولتون ميسر هونديون. آسان زرعي قرضن، ڪولڊ اسٽوريج جي چين، موسمياتي تبديلي جي اثرن کان محفوظ ٻج ۽ جينيٽڪلي انجنيئرڊ لائيو اسٽاڪ جي ??راهمي کي يقيني بڻايو ويندو، هر قسم جي ??افيا کي قوم سان گڏجي سزا ڏينداسين، هن چيو ته ??وشل ميڊيا تي ڏڦيڙ، مايوسي ۽ افراتفري جو ماحول پيدا ڪري ڪوڙين خبرن ذريعي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ??ياست پنهنجو وجود وڃائيندي پئي وڃي. آرمي چيف جي خطاب دوران آبادگار بار بار نعره تڪبير ۽ پاڪستان زنده آباد جا نعرا لڳائيندا رهيا. ڪسان ڪنوينشن دوران آبادگارن جي ??اڪ فوج زنده باد جا به نعرا هنيا ويا.
سمورن ضلعن ۾ زرعي مالز منعقد ڪيا ويندا جتي آبادگارن کي هر طرح جون زرعي سهولتون ميسر هونديون، هر قسم جي مافيا کي قوم سان گڏجي ختم ڪنداسين: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک