اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان سرحدي خلاف ورزي تي ايران جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ??يو آهي جڏهن ته ايران مان پنهنجي سفير کي به واپس گهرائڻ جو اعلان ??يو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته گذريل رات ايران پاران پاڪستان جي خودمختياري جي اشتعال انگيز ۽ کليل خلاف ورزي عالمي ??انون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي خلاف ورزي آهي. اهو غيرقانوني عمل مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي ۽ ان جو ڪو جواز نه آهي. پاڪستان ان غيرقانوني قدم جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. نتيجن جي ذميواري پوري طرح ايران تي لاڳو هوندي. هن چيو ته اسان اهو پيغام ايراني حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو آهي. اسان انهن کي اهو به ٻُڌايو آهي ??ه پاڪستان ايران مان پنهنجي سفير کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ??يو آهي ۽ پاڪستان ۾ ايراني سفير جيڪو هن وقت ايران جي دوري تي آهي ان کي چيو ويو آهي ته هو في الحال و??پس نه اچي. اسان انهن سمورن اعليٰ سطحي دورن کي پڻ معطل ڪرڻ جو فيصلو ??يو آهي جيڪي ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ جاري هئا يا طئي ٿيل هئا. واضح رهي ته ايران پاران ڪيل ان ”غيرقانوني“ فضائي حدن جي خلاف ورزي جي نتيجي ۾ ٻه ٻار مارجي ويا جڏهن ته ٽي ڇوڪريون ??خم?? ٿيون آهن.
پاڪستان پاران سرحدي خلاف ورزي تي ايران جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو، ايران مان پنهنجو سفير واپس گهرائڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات