اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين ??ي حاجي رسول بخش چانڊيو چيو آهي ته بدين ۾ ترقياتي ڪم پهرين ??رجيح آهن، عوام کي سهولتون ڏيڻ جي لاءِ پارٽي جون سخت هدايتون آهن، بدين ۾ عورتن ۽ ٻارن لاءِ پارڪ سميت ??جي تعليمي ادارن ۾ غريبن جي ٻارن لاءِ ڪوٽا مخصوص ڪرائڻ ۽ ان تي عملدرآمد جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اسلام آباد ۾ پن????جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ ڳالهائيندي حاجي رسول بخش چانڊيو چيو ته هاڻي چونڊن ۾ ڪامياب اهو ٿيندو ??يڪو عوام سان رابطي ۾ هوندو ۽ عوام جا ڪم ڪندو. هن چيو ته بدين ??لعي جي مختلف شهرن ۾ ٻارن ۽ عورتن جي لاءِ پارڪن جي سخت ضرورت آهي، جيڪي پارڪ آهن انهن کي وڌيڪ سهولت ڏئي بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته بدين ۾ ترقياتي ڪم پهرين ??رجيح آهن، عوام کي سهولتون ڏيڻ جي لاءِ صدر آصف علي زرداري، پارٽي چيئرمين ??لاول ڀٽو زرداري ۽ ادي فريال ٽالپر پاران سخت هدايتون ڏنل آهن. هن چيو ته بدين ??لعي جي غريب ماڻهن جي ٻارن کي ??جي تعليمي ادارن ۾ ڪوٽا ڏيارڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا ويندا. هن چيو ته بدين پاڪستان جو سڀ کان آخر وارو علائقو آهي، جتي غربت سڀ کان وڌيڪ آهي پر اسان عوام کي سهولتون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ هارين ??ي لاءِ ڪيتريون ئي سهولتون آهن پر ان سهولت کي وڌيڪ وڌايو ويندو ۽ ماڻهن کي آگاهي ڏني ويندي ته جيئن اهي ان مان لاڀ پرائي سگهن. هن چيو ته هاڻي چونڊن ۾ اهو ئي ڪامياب ٿيندو ??يڪو عوام سان رابطي ۾ هوندو ۽ انهن جا ڪم ڪندو. حاجي رسول بخش چانڊيو چيو ته آئون بدين ??ي عوام جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي ڪامياب ڪيو آهي. جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي ٿرپارڪر جي ضلعي صدر سينيٽر انجنيئر گيانچند چيو ته حاجي رسول بخش چانڊيو کي بدين ??ي عوام چونڊي پن??نجو هڪ بهتر نمائندو پارليامينٽ ۾ موڪليو آهي، حاجي رسول بخش چانڊيو جي ڪاميابي عوا?? جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي غريبن جي پارٽي آهي ۽ حاجي رسول بخش چانڊيو جي گهر جا دروازا عوا?? جي لاءِ سدائين ??ي لاءِ کليل هوندا آهن ۽ هنن وٽ ڪڏهن به امير ۽ غريب جو ڪو به فرق ناهي رهيو، جنهن جي ڪري ئي عوام ايڏا وڏا ووٽ ڏئي کين ڪامياب ڪيو آهي. جڏهن ته ان موقعي تي مير خان چانڊيو، رياض منگي، جانثار مهر، انجنيئر ابراهيم چانڊيو ۽ ٻيون شخصيتون موجود هيون.
بدين ۾ ترقياتي ڪم پهرين ترجيح آهن، عوام کي سهولتون ڏيڻ جي لاءِ پارٽي جون سخت هدايتون آهن، بدين ۾ عورتن ۽ ٻارن لاءِ پارڪ سميت نجي تعليمي ادارن ۾ غريبن جي ٻارن لاءِ ڪوٽا مخصوص ڪرائڻ ۽ ان تي عملدرآمد جي لاءِ قدم کنيا ويندا: حاجي رسول بخش چانڊيو
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے