اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي ??رد??ر?? مليريا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان عالم?? مليريا پروگرام ت??ت نئين قدمن تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار مليريا جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هر سال 25 اپريل ت?? مليريا جو عالمي ڏينهن آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ مليريا جي ڪنٽرول ۾ درپيش چئلينجز جو حل ڳولڻ جي لاءِ ملهايو وڃي ٿو. صدر چيو ته مليريا جي روڪٿام، سُڃاڻپ ۽ علاج ممڪن آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت عوام کي صحت جون سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر چيو ته عالم?? مليريا پروگرام ت??ت نئين قدمن جو مقصد مليريا جي هر مشتبه ڪيس جي جانچ، تصديق ۽ ان جو معياري علاج ڪرڻ آهي. صدر چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته قومي صحت واري وزارت گڏيل يونٽ جي ذريع?? مليريا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششون ڪيون آهن. صدر چيو ته ڪامن مئنيجمينٽ يونٽ مليريا هڪ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. آصف علي ??رد??ري چيو ته بدقسمتي سان 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪر?? ملڪ جي مختلف حص?? ۾ مليريا جي ڪيسز ۾ تيزي سان اضافو ٿيو. صدر چيو ته ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت جي ڪر?? مليريا جي روڪٿام جي ڪوششن کي نقصان پهتو، سموريون صوبائي حڪومتن ۽ ٻين ڌرين کان مطالبو ڪريان ٿو ته اهي ان ڳڻتي جوڳي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿين. هن چيو ته سموريون ڌريون مليريا بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کڻن.
پاڪستان عالمي مليريا پروگرام تحت نئين قدمن تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر