لاهور-28 مئي (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل اڳوڻي وزيراعظم محمد نوا?? شريف کي بنا مقابلي مرڪزي صدر چونڊي ورتو. پارٽي جي مرڪزي صدر جي چونڊن لاءِ مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس مقامي هوٽل ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهبا?? شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوا?? شريف، وفاقي وزيرن عطا الله تارڙ، تنوير حسين، امير مقام، خواجه محمد آصف، احسن اقبال، پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو مرڪزي اڳواڻ حمزه شهبا?? شريف، پرويز رشيد، اقبال ظفر جهڳڙا، راجا ظفر الحق، خواجه سعد رفيق، راڻا ثناءُ الله، شيزه فاطمه، برجيس طاهر، تهمينه دولتانه، حنيف عباسي، خرم دستگير، جاويد لطيف، رانا اقبال سميت آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان سميت چئني صوبن کان ميمبرن شرڪت ڪئي. پارٽي صدارت جي چونڊن لاءِ راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ پنج رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر مسلم ليگ (ن) راڻا ثناءُ الله خان صدر جي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي جاري ڪرڻ ۽ اسڪروٽني جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته مقرر وقت تائين 10 نامزدگي ڪاغذ مليا جن مان محمد نوا?? شريف کي صدر طور اميدوار نامزد ڪيو ويو. جانچ پڙتال ۾ سمورا نامزدگي ڪاغذ ضابطي موجب درست قرار ڏنا ويا. راڻا ثناءُ الله جي موجب صدر جي چونڊن ۾ نوا?? شريف واحد اميدوار آهي جنهن جا ڪاغذ مليا ۽ منظور ٿيا. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل جوا جلاس صدر جي چونڊن لاءِ پارٽي آئين تحت عمل ۾ آندو ويو جنهن جي مڪمل تائيد ۽ منظوري ڏ??ند?? اجلاس محمد نوا?? شريف کي مسلم ليگ (ن) جو صدر قرار ڏي ٿو. جنرل ڪائونسل جي ميمبرن قراراداد جي حق ۾ اٿي تائيد جو اظها?? ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهبا?? شريف مبارڪون ڏ??ند?? چيو ته پارٽي محمد نوا?? شريف تي جنهن اعتماد جو اظها?? ڪيو آهي اهو ان جي ڏاهپ ڀري قيادت جو چٽو ثبوت آهي، الله جو شڪر آهي ته پارٽي جيڪا ذميواري مون کي ڏني ان مان موثر انداز سان سرخرو ٿيو آهيان، ان موقعي تي مريم نوا?? شريف، حمزه شهباز، خواجه آصف ۽ ٻين پارٽي عهديدارن صدر چونڊجڻ تي محمد نوا?? شريف کي مبارڪون ڏنيون. ان کان اڳ اليڪشن منعقد ڪرائڻ جي حوالي سان تفصيل بيان ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته 2017ع تي هڪ سازش تحت نوا?? شريف کي نااهل ڪيو ويو، انهن حالتن ۾ قائد محمد نوا?? شريف جي ڊائريڪشن تي صدارت محمد شهبا?? شريف کي سونپي وئي ۽ هن واضح طور تي چيو هو ته هي صدارت مون وٽ امانت آهي ۽ آئون ان امانت کي ان وقت تائين سنڀاليندس جيستائين ضروري هوندو، هن چيو ته ڊسمبر 2022ع تي اسان جي جنرل ڪائونسل ۽ اليڪشن ٿيڻي هئي پر محمد شهبا?? شريف جي خواهش هئي ته محمد نوا?? شريف اچي ته اسان جنرل ڪائونسل اجلاس ۾ ئي امانت ان جي حوالي ڪري ڇڏيون، محمد نوا?? شريف آڪٽوبر 2023ع ۾ واپس آيو ۽ اوهان سڀني ان جو والهاڻو استقبال ڪيو ان کانپوءِ محمد شهبا?? شريف 11 مئي 2024ع تي مسلم ليگ (ن) جي صدارت تان استعيفا ڏئي ڇڏي، 18 مئي 2024ع تي ماڊل ٽائون ۾ سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 28 مئي 2024ع تي جنرل ڪائونسل جي جلاس ۾ نئين صدر جي چونڊ ڪئي و??ند??. اڄ 28 مئي تي جنرل ڪائونسل جي چونڊن لاءِ رانا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جوڙيو ويو ۽ متفقه طور تي محمد نوا?? شريف کي مسلم ليگ (ن) جو صدر چونڊيو ويو آهي.
مسلم ليگ (ن) جي جنر ڪائونسل جو جلاس، نواز شريف بنا مقابلي صدر چونڊجي ويو
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha