عمان – 11 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اردن جي گادي واري شهر عمان ۾ برطانيا جي وچ اوڀر، اتر آفريقا، ڏکڻ ايشيا، گڏيل امارات ۽ دولت مشترڪه بابت مملڪتي وزير ??ارڊ طارق احمد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ڌرين پاڪستان ?? برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظاهر ڪيو. هن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ان حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ تعا??ن ??اري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جو ذڪر ڪندي بين المذاهب مڪالمي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اينهانسڊ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ (اي ايس پي) جي شڪل ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي باضابطا بڻائڻ، توسيع ڏيڻ ۽ اپ گريڊ ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ڌرين برطانيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاهدي تحت مائيگريشن ٽريڪ تي اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو. هن افغانستا، ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ استحڪام سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي لارڊ طارق احمد سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن