اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ منعقد اجلاس ۾ ٽوڙيل اداري پي ڊبليو ڊي جي انتظام هيٺ جاري ترقياتي منصوبن کي صوبن کي منتقل ڪرڻ جي عمل ۾ تيزي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ??يو آهي. اجلاس ۾ منصوبا بندي واري سيڪريٽري ۽ مختلف صوبن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ??يو ته پي ايس ڊي پي منصوبن کي جلد کان جلد صوبائي حڪومت کي منتقل ڪيو ??يندو ته جيئن انهن منصوبن تي ڪم بنا ڪنهن رڪاوٽ جاري رهي سگهي. احسن اقبال چيو ته صرف منصوبن کي منتقل ڪ??و پيو ??ڃي ۽ انهن منصوبن کي پي ايس ڊي پي تحت ڏني ??يندڙ فنڊنگ جاري رهندي. هن سمورن صوبن کي هدايت ڪئي ته هو منتقل ڪيل جاري منصوبن جي وزارتن جي نالي سان هفتي اندر آگاهه ڪن. وفاق ۾ جاري پي ڊبليو ڊي جي منصوبن کي به سي ڊي اي ۽ لاڳاپيل وزارتن کي منتقل ڪيو ??يندو. هن واضح ڪيو ته پي ڊبليو ڊي جي انتظام هيٺ جاري منصوبا ختم نه پيا ڪيا وڃن پر انهن کي صرف مختلف ادارن ڏانهن منتقل ڪ??و پيو ??ڃي. احسن اقبال چيو ته بلوچستان ان حوالي سان سڀ کان پهرين پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو آهي ۽ باقي صوبن کي به هفتي اندر مڪمل ڄاڻ فراهم ڪرڻي آهي. هن چيو ته ان ڪميٽيءَ جو مقصد اهوئي هو ته جيڪي ڏُکيائيون درپيش آهن انهن کي قانون مطابق حل ڪيو ??ڃي. صوبن کي جلد کان جلد منتقل ڪرڻ لاءِ انهن کي ضلعن جي لحاظ سان وِرهايو ??يندو ۽ هر ضلعي ۾ ڊي سي کي فوڪل پرسن بڻايو ??يندو جيڪو پي ڊبليو ڊي ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي سمورن معاهدن کي رينڊم 4 کان 5 ڏينهن ۾ مڪمل ڪندو. ٺيڪيدارن کان اين او سي ورتي ويندي ته کين اسپانسر ايجنسي جي تبديلي تي ڪو اعتراض ناهي. ان فيصلي سان اميد آهي ته ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ٿيندا ۽ عوام کي فائدو پهچندو.
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس، پي ڊبليو ڊي جا منصوبا صوبن کي منتقل ڪرڻ جي عمل ۾ تيزي آڻڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں